جڙيل شاهه جيلانيءَ جو ميلو

جڙيل شاهه جيلانيءَ جو ميلو: حضرت جڙيل شاهه جيلانيءَ جو ميلو هر سال 7 کان 9 مارچ تي خيرپورناٿن شاهه ۾ لڳايو ويندو آهي. هن ميلي ۾ ملهه ملاکڙو ٿيندو آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ جا مشهور پهلوان حصو وٺندا آهن. ان کان علاوه گهوڙن جي ڊوڙ جا انعامي مقابلا ۽ بيل گاڏين جا واپار ٿيندا آهن. هن ميلي ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي آهي، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان مشهور فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا آهن. ان کان علاوه ثقافتي محفلون به رچايون وينديون آهن.


لفظ جڙيل شاهه جيلانيءَ جو ميلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو